تازه ترين

افغانستان جي هندوڪش خطي ۾ زلزلو، 20 ڄڻا فوت، 320 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
افغانستان جي هندوڪش جابلو خطي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، 20 ڄڻا فوت ۽ 320 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 3 ۽ گهرائي 28 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، مرڪز سمنگان صوبي جو ضلعو خُلم کان تقريبن 22 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو. زلزلي جا جهٽا مزار شريف، قندوز، بلخ ۽ تخار سميت اتر افغانستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب شهري خوفزده ٿي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ سڄي رات کليل ميدانن ۾ رهيو. عالمي ميڊيا موجب زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽن موجب زلزلي جا اثر تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ ايران ۾ به محسوس ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون