- Advertisement -
افغانستان جي هندوڪش جابلو خطي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، 20 ڄڻا فوت ۽ 320 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 3 ۽ گهرائي 28 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، مرڪز سمنگان صوبي جو ضلعو خُلم کان تقريبن 22 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.
زلزلي جا جهٽا مزار شريف، قندوز، بلخ ۽ تخار سميت اتر افغانستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ محسوس ڪيا ويا.
زلزلي سبب شهري خوفزده ٿي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ سڄي رات کليل ميدانن ۾ رهيو.
عالمي ميڊيا موجب زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
رپورٽن موجب زلزلي جا اثر تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ ايران ۾ به محسوس ڪيا ويا.- Advertisement -
