- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز افغانستان مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو، زوب ۾ ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.
زوب ضلعي جي علائقي سمبازا ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي.
سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان عبوري حڪومت کي مضبوط بارڊر مئنيجمينٽ جي درخواست ڪندو رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب اميد آهي ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي ۽ سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي…- Advertisement -
