تازه ترين

افغانستان مان مداخلت جي ڪوشش ناڪام ، 25 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي سرحد پار کان مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 25 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ٻن وڏن گروپن 24 ۽ 25 آڪٽوبر تي گَهڪي ڪرم ۽ اسپين وام جي علائقن ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر موج اسپين وام ۾ فورسز جي اثرائتي ڪارروائي دوران چئن آپگهاتي بمبارن سميت 15 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڪرم جي علائقي گَهڪي ۾ ٻي ڪارروائي دوران وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيندڙن ۾حوالدار منظور حسين، سپاهي نعمان الياس، سپاهي محمد عادل، سپاهي علي اصغر ۽ سپاهي شاهجهان شامل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان موجب پاڪ افغان ڳالهين باوجود فتنه الخوارج جي مداخلت جي ڪوشش جاري آهي، پاڪستان مسلسل افغان حڪومت کان پنهنجي سرحد کي اثرائتي بارڊر مينجمينٽ کي يقيني بڻائڻ جو چئي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر  موجب اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت دوحه معاهدي موجب ذميواري پوري ڪندي ۽ افغان حڪومت خوارجين کي پاڪستان خلاف افغان ڌرتي جي استعمال کان روڪي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون