تازه ترين

افغانستان پنهنجي ڌرتي پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي، وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته افغانستان پنهنجي ڌرتي پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي واري عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور پهچي سي ايم ايڇ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ باجوڙ ڌماڪي جي  زخمين جي عيادت ڪئي. شهبازشريف عملدارن کي زخمين جي مڪمل صحتيابي تائين علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم متاثرن کي خاطري ڪرائي ته قوم ڏک جي گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي واري عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي ڌرتي ٻئي ملڪ ۾ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. دوري دوران وزيراعظم  ۽ آرمي چيف  کي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. برينفگ ۾ ٻڌايو ويو ته آپگهاتي حملن ۾ افغان شهري ملوث آهن. وزيراعظم، زخمين کي پشاور منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي هنگامي ڪوششن جي واکاڻ پڻ ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
48 %
4.3kmh
29 %
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون