تازه ترين

پاڪستان مدد لاءِ تيار آهي، افغانستان دهشتگردي روڪي، بلاول

- Advertisement -
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مدد لاءِ تيار آهي، افغانستان دهشتگردي روڪي، افغان اختياريون ڪارروايون نه ٿيون ڪن ته سندن ايڪشن ٿي سگهي ٿو، پر اهو سندن پهريون آپشن نه هوندو. پرڏيهي آفيس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو سمجهن ٿا ته افغان انتظاميا پاڪستان تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته وسيلن جي کوٽ آهي ته پاڪستان افغانستان جي مدد لاءِ تيار آهي، پر جيڪڏهن ڪارروائي ۾ نيت جو مسئلو آهي ته اها ڌار ڳالهه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کان دهشتگردي تي هو پنهنجي دفاع لاءِ عالمي قانون  تي عمل ڪندا، افغان اختياريون ڪارروايون نه ٿيون ڪن ته سندن ايڪشن ٿي سگهي ٿو، پر اهو سندن پهريون آپشن نه هوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيٽو جيڪي هٿيار ۽ سامان ڇڏيو آهي، اهو ڪجهه هنڌن تي دهشتگردن وٽ آهي، دهشتگردي بابت سندن پاليسي واضح آهي، هو بلاڪن جي سياست ۾ ناهن. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهي وزير طور سندس منشور هو ته وزارت کي بهتر بڻايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
48 %
4.3kmh
29 %
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون