پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان کان دهشتگردي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي، دهشتگردي جو خاتمو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي سبب ٻئي ملڪ متاثر ٿيا آهن.
هن چيو ته دهشتگردي کي روڪڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته دنيا جي اهم اڳواڻن جي آمد پرڏيهي پاليسي جي ڪامياب هجڻ جو ثبوت آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي بابت سندن موقف واضح آهي