تازه ترين

افغان عبوري حڪومت خطي کي درپيش خطرا روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي : منير اڪرم

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت خطي کي درپيش خطرا روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اجلاس ۾ خطاب ڪندي منير اڪرم چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي دهشتگرد تنظيمن لاءِ هڪ ڇتري تنظيم بڻجي رهي آهي، پڪا ثبوت آهن ته ڪابل عملدار حملن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٽي ٽي پي افغانستان ۾ سرگرم وڏي دهشتگرد تنظيم آهي، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سرحدي محفوظ پناهگاهن مان پاڪستان تي حملا ڪري ٿي.

هن چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي حملن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جڏهن ته بي ايل اي مجيد برگيڊ دهشتگرد تنظيم به سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ شاهديون آهن ته ڪابل عملدارن ان حملن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، پاڪستان دهشتگردي جي خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻندو.

پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم يو اين سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ۾ دهشتگردي جو ذڪر نه هجڻ تي حيرت ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو.

منير اڪرم چيو ته افغانستان ۾ موجود 20 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون خطي ۽ دنيا لاءِ خطرو آهن، پاڪستان گڏيل قومن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ صلاح مشورا شروع ڪندو.

منير اڪرم سلامتي ڪائونسل کي پاڪ افغان سرحد وٽان داعش جي دهشتگردي شريف الله جي گرفتاري کان به آگاهه ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون