- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته اقليتن بابت قانونسازي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مذهبي ٽچ جي ڳالهه کي تحريڪ انصاف باني جي آزادي تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪنهن قانون ۾ بهتري آڻڻي آهي ته گڏجي ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن، قانون کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته نبي ڪريم صلعم تي سندن جان، مال ۽ اولاد به قربان آهي، اهڙي حساس معاملي تي سياست ۾ پوڻ درست نه آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن قانون صدر مملڪت وٽ ويو ته هن ڪجهه تجويزون پيش ڪيون، حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن، ڪنهن جي وراثت ناهن.
نائب وزيراعظم چيو ته اقليتن بابت قانونسازي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مذهبي ٽچ جي ڳالهه کي تحريڪ انصاف باني جي آزادي تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اسحاق ڊار چيو ته ڪنهن قانون ۾ بهتري آڻڻي آهي ته گڏجي ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن، قانون کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي.- Advertisement -
