تازه ترين

الزام آهي ته رياستي ادارن جي ڪري سندس خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي: انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته الزام آهي ته رياستي ادارن جي ڪري سندس خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، پاڪستان جي معيشت لاءِ ٽيڪس اوڳاڙيون وڏو چئلينج آهي، 80 سيڪڙو معيشت بنا دستاويز آهي، اولهه ۾ جوس جي خريد ٿيندڙ بوتل به ڊاڪوميٽيڊ آهي، پر هتي رٽيلر ۽   زراعت ٽيڪس کان آجا آهن. راولپنڊي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مٿس ڪڻڪ چوري ڪرڻ جو الزام لڳو، جيڪڏهن الزام ثابت ٿئي ته هو حاضر آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ روز نوان نوان چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن، سوشل ميڊيا سندن ريسرچ ۽ انفارميشن کي نقصان پهچايو آهي، قومون جيترو ڪمائينديون آهن اوترو ئي خرچ ڪنديو آهن. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پگهاردار طبقي جي ٽيڪس ڪٽجي ويندي آهي، 80 سيڪڙو معيشت بنا دستاويز آهي، اولهه ۾ جوس جي خريد ٿيندڙ بوتل به ڊاڪوميٽيڊ آهي، پر هتي رٽيلر ۽   زراعت ٽيڪس کان آجا آهن. اڳوڻي نگران وزيراعظم چيو ته هو لائيو اسٽاڪ تي ٽيڪس نه ٿا لڳائن، ٽيڪس لڳائڻ ۽ جمع ڪرڻ رياست جو حق آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان جي معيشت لاءِ ٽيڪس اوڳاڙيون وڏو چئلينج آهي، ستر ورهين دوران ايف بي آر ۾ سڌارن جو ڪنهن کي خيال نه آيو. هن چيوته ڀارت کان هارائڻ بعد نسيم شاهه روئي رهيو هو، هو بار بار هارائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو رويو تبديل نه پيا ڪن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون