- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اليڪشن جي ڏينهن موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي، ان عمل سان اليڪشن تي سوال اٿندا.
سعيد غني جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيون ٿا ته موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بحال ڪئي وڃي.
هن چيو ته ، دهشتگردي جا بهانا بڻايا پيا وڃن، امن امان جي ذميواري حڪومت جي آهي.
اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته اليڪشن جي هيڏي وڏي عمل کي تڪراري بڻائڻ ڪنهن به صورت مناسب ناهي.- Advertisement -
