تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

اليڪشن ڪميشن، مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف  نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي

اليڪشن ڪميشن، مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف  نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ سني اتحاد ڪائونسل، صاحبزادا حامد رضا، ايم ڪيو ايم، پ پ، ن ليگ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف کي عدالتي فيصلي ۾ رليف ڏنو ويو، تحريڪ انصاف ڪيس ۾ پارٽي نه هئي ۽ آزاد ميمبرن به سپريم ڪورٽ سان رابطو نه ڪيو، عدالتي فيصلي ۾ ڪجهه اهڙين حقيقتن کي تسليم ڪيو ويو، جيڪي عدالتي رڪارڊ تي نه هيون.

اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي اميدوارن به ڪڏهن دعويٰ نه ڪئي، 80 ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڊڪلريشن جمع ڪرائي.

درخواست ۾ چيو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل عام چونڊن ۾ حصو نه ورتو ۽ مخصوص سيٽن لاءِ لسٽ به جمع نه ڪرائي، تنهنڪري 41 ايم اين ايز کي ٻيهر پارٽي وابستگي جو موقعو فراهم ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي ان معاملي تي موقف ڏيڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ٻڌايو.

درخواست ڏيندڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ واري فيصلي جا حڪم هڪ پارٽيءَ جي حق ۾ آهن، فيصلي ۾ آئين ۽ قانون جي آرٽيڪلن توڙي شقن کي نظر انداز ڪيو  ويو آهي، 12 جولاءِ جي اڪثريتي مختصر فيصلي ۾ عدالتي اختيار وارو دائرو اورانگهيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون