اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اين اي 15 مانسهره تي چونڊ عذرداري جي درخواست رد

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اين اي 15 مانسهره تي چونڊ عذرداري جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ نواز شريف جي چونڊ عذرداري بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران رٽرننگ آفيسر اين اي 15 مانسهره بابت پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. رٽرننگ آفيسر جواب ۾ چيو ته تڪ جو نتيجو فارم 45 تحت تيار ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن روڪڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. نواز شريف جي وڪيل دير سان پيش ٿيڻ ۽ درخواست رد نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي. اليڪشن ڪميشن نواز شريف جي وڪيل کي ٻيهر درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 15 مانسهره تي آزاد اميدوار شهزاده گستاسب ڪامياب ٿيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون