اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي 77 اضافي مخصوص سيٽون معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد حڪومتي اتحاد جي ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت سادي اڪثريت ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪميشن واڌو سيٽن تي77 ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي، جن مان قومي اسيمبلي جي اضافي مخصوص سيٽن تي 22 چونڊيل ۽ ٽن اقليتي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي.
ڪي پي اسيمبلي مان اضافي مخصوص سيٽن تي 25چونڊيل چار اقليتي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي.
پنجاب اسيمبلي مان اضافي مخصوص سيٽن تي چونڊيل 27 ۽ ٽي مخصوص جڏهن ته سنڌ ايمبليءَ مان مخصوص سيٽن تي چونڊيل 3 ۽ هڪ اقليتي ميمبر جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي.
نوٽيفيڪشن ۾ ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ ڪي پي مان ن ليگ جو چار، جي يو آءِ پ پ جون 2-2، پنجاب ۾ نل يگ جون 9 ۽ هڪ اقليتي، پ پ ۽ جي يو آءِ جو هڪ هڪ ميمبر معطل ٿيو.
سني اتهاد ڪائونسل مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهائڻ جو فيصلو چئلينج ڪيو هو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هائيڪورٽ جو فيصلومعطل ڪري ڇڏيو هو.