تازه ترين

اليڪشن ڪميشن  صدر جي خط جو جوابي خط لکي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن  صدر جي خط جو جوابي خط لکي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾  صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ملاقات لاءِ لکيل خط بابت غور ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني ٽيم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ تحت چونڊ شيڊول تي صدر سان صلاح ڪرڻ ضروري ناهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر، صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات نه ڪندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي جوابي خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي ملاقات جي دعوت ڏني هئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
10 %
7kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون