اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 26 سيٽن جو قطعي نتيجو روڪي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊ عذردارين بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي جنهن لاءِ 2 بينچون جوڙيون ويون.
بينچ نمبر ون ۾ سنڌ جو ميمبر نثار دراني ۽ بلوچستان جو ميمبر شاهه محمد جتوئي، بينچ نمبر 2 ۾ پنجاب جو ميمبر بابر حسن ڀروانه ۽ ڪي پي جو ميمبر اڪرام الله شامل آهن.
اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني چيو ته هارائڻ وارو جشن، کٽڻ وارو ڌانڌلي جا الزام لڳائي رهيو آهي، اهڙو رويو ڪيستائين هلندو؟.
اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته آر اوز اڪثر تڪن ۾ قطعي نتيجا جاري ڪري چڪا آهن، ان موقعي تي نتيجا روڪڻ سان ايندڙ مرحلي ۾ دير ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن، اين اي 52 راولپنڊي، 53، 56 ۽ 57 راولپنڊي، اين اي 60 جهلم، اين اي 69 منڊي بهاءُ الدين جا قطعي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن، اين اي 126، 127 لاهور، اين اي87 خوشاب ۽ اين اي 106 ٽوبا ٽيڪ سنگهه جا قطعي نتيجا روڪيندي آر او کان رپورٽ گهري ورتي.
اليڪشن ڪميشن پي بي 14 نصير آباد، پي بي 44 ڪوئيٽا، پي پي 33 گجرات ۽ پي پي 126 جهنگ جو نتيجو جاري ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن پي پي 7 سرگوڌا، پي پي 133 ننڪانه صاحب، پي پي 15 راولپنڊي، پي پي 43 منڊي بهاءُ الدين، پي پي 12 راولپنڊي، پي پي 53، پي پي 4 اٽڪ، پي پي 121 ٽوبا ٽيڪ سنگهه، پي پي 17 راولپنڊي، پي پي 6 مري ۽ پي پي 279 ليه جا قطعي نتيجا جاري ڪرڻ جو روڪي ڇڏيو………