تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پاران وڏين سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن جي معاملي بابت اليڪشن ڪميشن سمورين وڏين سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊن جي شيڊول ۽ تاريخ بابت سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندي، اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي روڊ ميپ بابت صلاح مشورا ڪندي.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن جي معاملن تي به سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران سياسي پارٽين سان ملاقاتن جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندو.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن، مسلم ليگ نون، پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جماعت اسلامي، اي اين پي، جي يو آءِ ۽ ٻين سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
13 %
4.8kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون