تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پاران ڪراچي جي 21 سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پاران قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 31 تڪن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي تڪ اين اي 229 تي پ پ جي اميدوار ڄام عبدالڪريم کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي تڪ اين اي 230 تي پ پ اميدوار  سيد رفيق الله کي به ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي تڪ اين اي 231 تي پ پ جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي جو به نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي تڪ اين اي 232 تي ايم ڪيو ايم اميدوار آسيا اسحاق، اين اي 233 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار محمد جاويد حنيف خان ۽ اين اي 234 تي محمد معين عامر کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. اين اي 235 تي متحده پاڪستان جي اميدوار محمد اقبال خان ۽ اين اي 236 تي ايم ڪيو ايم اميدوار حسن شبير کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اين اي 237 تي پ پ جي اميداور اسد عالم نيازي ۽ اين اي 239 تي پ پ اميدوار نبيل گبول کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي تڪ اين اي 240، 241،242،243،244، 245، 246، 247، 248، 249، 250 تي ڪامياب ٿيل اميدوارن جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي تڪ اين 247 تي ايم ڪيو ايم اميدوار جي خواجا اظهار الحسن ۽ اين اي 248 تي ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديق کي به ڪامياب قرار ڏنو يو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
26 %
3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون