پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر ۾ ڊڪليئر ڪيل بلاول ڀٽو جي ملڪيت ۾ ڪرپشن ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي.
هڪ بيان ۾ پ پ اڳواڻ شيري رحمان جو چوڻ هو ته جلاوطني دوران شهيد محترمه بينطير ڀٽو ڪيترائي سال ٻارن سان گڏ دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.
هن چيو ته جلاوطني دوران خريد ڪيل ملڪيت ماءُ پنهنجي ٻارن جي نالي ڪئي.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته ماءُ جي ملڪيت وراثت ۾ ٻارن کي ملڻ اسان جي معاشري جي روايت آهي.
پ پ سينيٽر جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي پهريان کان ڊڪليئرڊ ملڪيتن جا تفصيل دبئي ليڪ ۾ شامل ڪرڻ ڪو انڪشاف ناهي.
هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي اثاثن جو ٽيڪس ادا ڪندا آهن