افغان حڪومت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته امارات اسلاميه ڪنهن کي افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.
افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته هو ڪنهن ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت يا ڪنهن خلاف قدم نه ٿا چاهين
هن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي ملڪ جيان پاڪستان ۾ به امن جا خواهشمند آهن، هو افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندا.
ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته پاڪستان جي اندر امن سندن ذميواري نه آهي، پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪن، پنهنجي ناڪامي جو ذميوار افغانستان کي قرار نه ڏين، پاڪستان ۾ بدامني جا واقعا دليل نه نه آهن ته ان پويان افغانستان آهي…