تازه ترين

امريڪا، ايران سان طئي ٿيل14 نقاطي مفاهمتي يادداشت جا نقطا جاري ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
امريڪا، ايران سان طئي ٿيل14 نقاطي مفاهمتي يادداشت جا نقطا جاري ڪري ڇڏيا، مفاهمتي يادداشت کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جو ٽائيٽل  ڏنو ويو آهي. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته مفاهمتي ياداشت جي پهرين نقطي موجب لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي ڪارروايون بند ڪيون وينديون، ڌريون هڪٻئي خلاف ڌمڪيون ڏيڻ يا طاقت جي استعمال کان پاسو ڪنديون، لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي ساليمت جو احترام ڪيو ويندو. ٻئي نقطي موجب امريڪا ۽ ايران هڪٻئي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪندا. آمرڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته مفاهمتي ياداشت ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي اعزم جو اظهار ڪيو آهي. مفاهمتي يادداشت جي ٽئين نقطي موجب ايران ۽ امريڪا 60 ڏينهن ۾ حتمي ڊيل  ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي، گڏيل راضپي سان 60 ڏينهن جي مدي ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته مفاهمتي يادداشت جي چوٿين نقطي موجب، امريڪا 30 ڏينهن ۾  ايران جي ناڪا بندي ختم ڪندو، هرمز لنگهه ۾ بحري جهازن جي اچ وڃ جنگ کان اڳ واري سطح تي بحال ڪئي ويندي . حتمي معاهدي جي 30 ڏينهن اندر امريڪا ايران ويجهو  فوجون هٽائيندو. پنجين نقطي موجب، ايران مفاهمتي يادداشت تي صحيح کانپوءِ قطئي معاهدي تائين هرمز ۾ بنا ٽول جي جهازن جي اچ وڃ  يقيني بڻائيندو. ڇهين نقطي موجب، ايران جي ٻيهر تعمير لاءِ علائقائي ڀائيوارن سان گڏجي 300 ارب ڊالرز جي رٿا تي ڪم ٿيندو، انهي منصوبي تي عملدرآمد جو طريقيڪار قطئي معاهدي جي 60 ڏينهن اندر طئي ڪيو ويندو، آمريڪا لاڳاپيل مالي ڏيتي ليتي لاءِ گھربل سمورا لائسنس، ڇوٽ ۽ اجازت ناما جاري ڪندو. آمريڪي اختيارين موجب، قطئي معاهدي تحت طئي ڪيل شيڊيول موجب آمريڪا، ايران تان سموريون پابنديون ختم ڪندو، جن ۾ يو اين سلامتي ڪائونسل ، آءِ اي اِي اي ۽ امريڪا پاران هڪ طرفيون پابنديون شامل آهن. آمريڪي اختيارين موجب، ايران نه ايٽمي هٿيار ٺاهيندو نه ئي اهڙو ارادو ظاهر ڪندو، جڏهن ته ان جي رچيل يورينيم جو معاملو گڏيل طريقيڪار تحت حل ڪيو  ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
overcast clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
42 %
1.3kmh
99 %
خميس
23 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون