تازه ترين

امريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جاپان ۾ وائرس جو نئون قسم سامھون اچي ويو

وائرس جو ھڪ نئون قسم سامھون اچڻ بعد ڪووڊ جي عالمي ڪيسن ۾ 80 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آھي.

صحت جي عالمي اداري ڊبيلو ايڇ او چيو آھي تھ گذريل ھڪ مھيني جي دوران سڄي دنيا ۾ ڪووڊ 19 جي ڪيسن ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي.

ڊبليو ايڇ او پاران ھفتيوار اپڊيٽ جي دوران چيو ويو تھ 10 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڪووڊ 19 جا 15 لک نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.

امريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جاپان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي وئي آھي.

9آگسٽ تي ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس جي قسم اوميڪرون جي ھڪ قسم اي جي 5 جي باري ۾ چيو ھو تھ ان تي نظر رکي آھي ڇو تھ اھا وائرس تيزي سان پکڙجي رھي آھي.

ڪورونا جي ان نئين قسم جو اڃا ڪو آفيشل نالو نھ رکيو ويو آھي پر آن لائن ان کي آئرس چيو پيو وڃي. اھو نئون قسم ٻين قسمن جي مقابلي ۾ تيزي سان پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو .

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
20 %
1.9kmh
0 %
ڇنڇر
18 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون