تازه ترين

امريڪا پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهي ٿو، ان جو جائزو وٺندو رهندو : ميٿيو ملر

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مـَيٿو مـِلر چيو آهي ته امريڪا پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهي ٿو، ان جو جائزو وٺندو رهندو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته هو ان حڪومت سان گڏ ڪم ڪندا جنهن کي پاڪستاني عوام چونڊيو آهي، ڌانڌلي جي دعوائن جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي، بي ضابطگين جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر جمهوري عمل جو به احترام ڪن ٿا. هن چيو ته هو قانون جي بالادستي، آئين جو احترام، آزاد صحافت، متحرڪ سول سوسائٽي، سياسي ۽ چونڊن ۾ ٿيندڙ تشدد جي مذمت ڪن ٿا، انٽرنيٽ، فون سروس تي پابندي، انهن قدمن سان چونڊ عمل تي منفي اثر پوڻ جون دعوائون آهن مداخلت، ڌانڌلي جي پاڪستاني قانوني نظام تحت مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو قانوني نظام آزاداڻي جاچ لاءِ پهريون مناسب قدم هوندو، هو سمجهن ٿا ته هي اهو ئي قدم آهي جيڪو کڻڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
23 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون