- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امريڪا کي گرين لينڊ جو مالڪ هجڻ گهرجي ته جيئن روس يا چين ان تي قبضو نه ڪن، هو روس يا چين کي پاڙيسڙي بنا بڻائي سگھن..
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته امريڪا اهو هرگز نه چاهيندو ته روس يا چين گرين لينڊ تائين پهچن، جيڪڏهن گرين لينڊ کي امريڪا جو حصو نه بڻايو ته روس يا چين امريڪا جا ايندڙ پاڙيسري بڻهي سگھن ٿا.
وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي تيل ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان گڏ ڳالهائيندي، آمريڪي صدر ٽرمپ وينزويلا بابت ڳالهائيندي چيو ته هو وينزويلا ۾ 100 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيو آهي، آمريڪا ۽ وينزويلا وٽ دنيا جو 55 سيڪڙو تيل آهي، روس ۽ چين به تيل خريد ڪري سگھن ٿاس، روس صدر سٺو انسان آهي پر ان مايوس ڪيو.
هن چيو ته وينزويلا گذريل ڏينهن کين 30 ملين بيرل تيل ڏنو، هو فيصلو ڪنداته ڪهڙيون تيل ڪمپنيون وينزويلا ڏانهن وينديون، تيل ڪمپنيون سڌيءَ ريت آمريڪا سان ڊيل ڪنديون، وينزويلا سان نه.
آمريڪي صدر، وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ ڀارت جنگ روڪرائڻ جو ذڪر ڪيو ۽ 8 جهاز ڪرڻ جو ذڪر ڪيو.
صدر ٽرمپ چيو ته هن پاڪ ڀارت جنگ سميت 8 جنگيون روڪرايون، پاڪستاني وزيراعظم به اهو چيو ته هن جنگ کي روڪي لکين جانيون بچايون.
ايران جي صورتحال تي ڳالهائيندي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ايران ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته اميرڪا مداخلت ڪندو.
هن چيو ته ايران جي صورتحال تي ويجهي کان نظر آهي، اهو پڻ واضح ڪيو ته جواب ڏيڻ ۽ مداخلت ڪرڻ جو مطلب ايران ڏانهن فوج موڪلڻ ناهي.
واضع رهي ته آمريڪي صدر گذريل ڏينهن به چيو هو ته ڪيو هو ته جيڪڏهن احتجاج دوران مظاهرين کي قتل ڪيو ويو ته هو ايران کي ڀرپور ۽ تمام سخت انداز ۾ جواب ڏيندو……..
- Advertisement -
