- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امريڪا ۾ اسرائيل جي حمايت گھٽ ٿي آهي، امريڪي ڪانگريس ۾ يهود مخالف لابي سرگرم آهن، امريڪي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي.
واشنگن ۾ تقريب کي خطاب دوران امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سڊني ۾ خطرناڪ حملو ٿيو، انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس پهتو، هو حملي ۾ زخمين ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪيو، ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪيو.
غزه استحڪام فورس جي مقرري جي حوالي سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته 59 ملڪ بين الاقوامي فورس ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته سندس ئي ڪوششن سان حماس اسرائيلي قيدي ۽ لاش حوالي ڪيا آهن
- Advertisement -
