امريڪا پاڪستان ۾ 9 مئي جي واقعن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته احتجاج پـُرامن طريقي سان ڪرڻ گھرجي.
واشنگٽن ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مـَيٿيو ملر پريس بريفنگ دوران چيو ته هو پـُرتشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته امريڪا 9 مئي جهڙن پرتشدد واقعن جي مخالفت ڪري ٿو، هو اظهار راءِ جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جي حق جي حمايت ڪن ٿا.
ترجمان جو چوڻ هو ته هو ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جي واقعن جي مذمت ڪن ٿا، اهڙو عمل پرامن احتجاج جي زمري ۾ نٿو اچي، سڀئي احتجاج پرامن طريقي سان ٿيڻ گھرجن ۽ قانون تي سختي سا عملداري ٿيڻ گهرجي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستاسن ۽ امريڪا جا گڏل مفاد آهن، هو پاڪستاني سويلين ادارن سان شراڪتداري جاري رکندا.