- Advertisement -
امريڪي شهر منيا پولس ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽمز انفورسمينٽ جي ڇاپي دوران هڪ اهلڪار جي فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي آهي.
واقعو رهائشي علائقي ۾ پيش آيو جتي غيرقانوني رهندڙن خلاف آپريشن جي مخالفت ۾ وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو پئي ويو.
امريڪي ميڊيا رپورٽن موجب، اميگريشن ۽ ڪسٽمز انفورسمينٽ جي ڇاپي دوران ڪجهه ماڻهو اهلڪارن جو رستو روڪي رهيا هئا.
ميڊيا رپورٽ ۾ آمريڪي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته هڪ عورت ڊرائيور آءِ سي اِي اهلڪارن کي پنهنجي گاڏي سان چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي رد عمل ۾ اهلڪار عورت کي گولي هنئي جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ مارجي وئي.
منياپولس جي ميئر جو چوڻ آهي ته آءِ سي اِي آفيسر لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي عورت کان حياتي کسي ورتي.
ٻئي پاسي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو ته آءِ سي اِي آفيسر جي فائرنگ ظاهري طور تي دفاع ۾ هئي، عورت بي نظمي، مزاحمت ۽ رنڊڪ وجهي رهي هئي آءِ سي اي آفيسر پاڻ کان بچائڻ لاءِ فائرنگ ڪئي.
- Advertisement -
