- Advertisement -
وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ چيو آهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان کان آيل سمورن پناهگيرن جو غور سان ٻيهر جائزو وٺي رهيو آهي.
وائيٽ هائوس ترجمان واضع ڪيو ته قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به شخص کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.
ترجمان ڪرولين ليوٽ جو چوڻ آهي ته پناهگيرن جي سمورن فيصلن ۽ خاص ويزا جاري ڪرڻ جو عمل روڪيو ويو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن جي افسوسناڪ واقعن کان پوءِ صدر جو وڏي پيماني تي ملڪ بدري جو منصوبو اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي.
صدر ٽرمپ جي صحت بابت ڳالهائيندي، وائيٽ هائوس جـِي ترجمان چيو ته آمريڪي صدر جي مجموعي صحت بهتر آهي، صدر ٽرمپ جو ايم آر آءِ احتياط جي طور تي ڪئي وئي، سندس دل سٺي ۽ صحتمند حالت ۾ آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا افغان پاسپورٽ تي سفر ڪندڙ سڀني ماڻهن کي ويزا جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سڀني پناهگيرن جي درخواستن تي فيصلا پڻ روڪيا ويا آهن.
هي قدم گذريل هفتي نيشنل گارڊز تي هڪ افغان شهري جي فائرنگ جي واقعي کان پوءِ آيو آهي……
- Advertisement -
