تازه ترين

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پهرين هفتي ۾ امريڪا 7 هزار 3سئو غيرقانوني طور رهندڙن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪري ڇڏيو

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پهرين هفتي ۾ امريڪا 7 هزار 3سئو غيرقانوني طور رهندڙن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.

هوم لينڊ سڪيورٽي موجب ادارا غيرقانوني طور رهندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون بابت صدر ٽرمپ جي حڪم تي عمل ڪري رهيا آهن.

هوم لينڊ سڪيروٽي کاتي موجب، ٽرمپ جي صدارتي  عهدو سنڀالڻ جي پهرين هفتي ۾ 7 هزار 3سئو غيرقانوني طور رهندڙن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو آهي، جبري بيدخل ڪيلن ۾ اڪثريت پرتشدد واقعن ۾ ملوث ماڻهو هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته امريڪا ۾غيرقانوني طور رهندڙ ڪجهه پاڪستاني به گرفتار ٿيا آهن، پاڪستاني شهرين جون گرفتاريون غيرقانوني طريقي سان امريڪي سرحد پار ڪرڻ تي ڪيون ويون.

ڪليفورنيا ۾ غيرقانوني اميگرينٽ جي الزام ۾ گرفتار پاڪستانين جو انگ 10 کان گھٽ آهي، اهي ڪارروايون شڪاگو، ايٽل، اٽلانٽا، بوسٽن، لاس اينجلس ۽ نيورآرلينز سميت مختلف شهرن ۾ ڪيون ويون آهن.

هوم لينڊ سڪيورٽي موجب، صرف 27 جنوري تي 956 غيرقانوني طور رهندڙن کي گرفتار ڪيو ويو، ڇاپا اسڪولن ۽ گرجا گهرن تي به هنيا ويا آهن، گرفتارين جي ڊپ کان ڪجهه غيرقانوني رهندڙن پرڏيهين ڪم تي وڃڻ ۽ بارن کي اسڪول موڪلڻ تائين ڇڏي ڏنو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون