آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا غزا تي قبضو ڪري ان جي نئين سر تعمير ڪري سگهي ٿو، غزا جي تباهه ٿيل عمارتن کي ڪيرائي علائقو صاف ڪيو ويندو ۽ نئين سر تعمير ڪئرائي ويندي، جتي فلسطينين سميت سڄي دنيا جا ماڻهو رهندا، سعودي عرب، مصر، اردن ۽ حماس سميت وچ اوڀر جي ملڪن توڙي تنطيمن آمريڪي صدر جي اهڙي بيان کي رد ڪيو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نتن ياهو سان ملاقات بعد ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو غزا تي اهڙي ڊگهي مدي واري قبضي جي سوچ رکي ٿو، جنهن جي قيادت آمريڪا ڪندو.
هن چيو ته آمريڪا غزا جي پٽيءَ جو انتظام سنڀالي ان تي حقيقي طور ڪري سگهي ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ان علائقي کي پنهنجي ڌرتيءَ جا پنهنجائيندا ۽ ان کي ترقي وٺرائيندا، هزارين نوڪريون پيدا ڪيون وينديون، اهو تمام شاندار هوندو.
آمريڪي صدر چيو ته غزا جي تباهه ٿيل عمارتن کي ڪيرائي علائقو صاف ڪيو ويندو ۽ نئين سر تعمير ڪئرائي ويندي، جتي فلسطينين سميت سڄي دنيا جا ماڻهو رهندا.
اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نتن ياهو چيو ته صدر ٽرمپ جي تجويز تي سڀني کي غور ڪرڻ جي ضرور آهي.
سعودي عرب، مصر، اردن ۽ حماس سميت وچ اوڀر جي ملڪن توڙي تنطيمن آمريڪي صدر جي اهڙي بيان کي رد ڪيو آهي.
آمريڪي صدر جي بيان بعد سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته سعودي عرب فلسطيني رياست قائم ڪرڻ واري موقف تي اٽل آهي ۽ هو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪندا.
حماس آمريڪي صدر کي بيان کي کِلَ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهڙي تجويز خطي ۾ ٻيهر باهه ڀڙڪائي سگهي ٿي.
مصر ۽ اردن به آمريڪي صدر جي اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ تنظيمن گڏيل بيان ۾ خبردار ڪيو ته اهڙي قدم سان خطي کي استحڪام جو خطرو ٿي سگهي ٿو.