تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا جي پٽيءَ تي ڊگهي عرصي تائين قبضي جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا غزا تي قبضو ڪري ان جي نئين سر تعمير ڪري سگهي ٿو، غزا جي تباهه ٿيل عمارتن کي ڪيرائي علائقو صاف ڪيو ويندو ۽ نئين سر تعمير ڪئرائي ويندي، جتي فلسطينين سميت سڄي دنيا جا ماڻهو رهندا،  سعودي عرب،  مصر، اردن ۽ حماس  سميت وچ اوڀر جي ملڪن توڙي تنطيمن آمريڪي صدر جي اهڙي بيان کي رد ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نتن ياهو سان ملاقات بعد ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو غزا تي اهڙي ڊگهي مدي واري قبضي جي سوچ رکي ٿو، جنهن جي قيادت آمريڪا ڪندو. هن چيو ته آمريڪا غزا جي پٽيءَ جو انتظام سنڀالي ان تي حقيقي طور ڪري سگهي ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ان علائقي کي پنهنجي ڌرتيءَ جا پنهنجائيندا ۽ ان کي ترقي وٺرائيندا، هزارين نوڪريون پيدا  ڪيون وينديون، اهو تمام شاندار هوندو. آمريڪي صدر چيو ته  غزا جي تباهه ٿيل عمارتن کي ڪيرائي علائقو صاف ڪيو ويندو ۽ نئين سر تعمير ڪئرائي ويندي، جتي فلسطينين سميت سڄي دنيا جا ماڻهو رهندا. اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نتن ياهو چيو ته صدر ٽرمپ جي تجويز  تي سڀني کي غور ڪرڻ جي ضرور آهي. سعودي عرب،  مصر، اردن ۽ حماس  سميت وچ اوڀر جي ملڪن توڙي تنطيمن آمريڪي صدر جي اهڙي بيان کي رد ڪيو آهي. آمريڪي صدر جي بيان بعد سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته سعودي عرب فلسطيني رياست قائم ڪرڻ واري موقف تي اٽل آهي ۽ هو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪندا. حماس آمريڪي صدر کي بيان کي کِلَ  جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهڙي تجويز خطي ۾ ٻيهر باهه ڀڙڪائي سگهي ٿي. مصر ۽ اردن به آمريڪي صدر جي اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ تنظيمن گڏيل بيان ۾ خبردار ڪيو ته اهڙي قدم سان خطي کي استحڪام جو خطرو ٿي سگهي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون