- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزويلا کان اعليٰ معيار جو 50 ملين بيرل تيل آمريڪا آندو ويندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ سوشل ٽرٿ تي جاري بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته تيل امريڪا ۾ مارڪيٽ قيمت تي وڪرو ويندو ۽ ان جي آمدني کي هو پاڻ ڪنٽرول ڪندا، پئسو آمريڪي ۽ وينزويلا جي عوام جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
صدر ٽرمپ موجب، انرجي سيڪريٽري ڪرس رائٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري ۽ تيل کي امريڪي بندرگاهن تائين پهچائي.
امريڪي صدر جي پيغام کان اڳ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته وينزويلا کان تيل امريڪا آڻڻ لاءِ امريڪا ۽ وينزويلا جي عملدارن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، وينزويلا مان خام تيل امريڪا ۾ ريفائنريز کي برآمد ڪيو ويندو.
اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته امريڪي تيل ڪمپنين جا سربراهه وينزويلا ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهين لاءِ جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس جو دورو ڪندا.
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس ۽ وينزويلا عملدارن نئين اڳڀرائي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي………
- Advertisement -
