امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل مان نڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحي ڪري ڇڏي، ٽرمپ فلسطيني امدادي ايجنسي “انروا” جي لاءِ فنڊنگ روڪڻ جي دستاويز تي به صحيح ڪري ڇڏي.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس دوران صدر ٽرمپ چيو ته هو ڏسڻ چاهي ٿو ته مصر ۽ اردن فلسطينين کي قبول ڪن، فلسطينين وٽ غزه ڇڏڻ کان علاوه ڪو ٻيو رستو ناهي.
هن چيو ته ٽرمپ اهو ضروري ناهي ته غزه ۾ اسرائيلين جي آبادڪاري جي حمايت ڪري.
امريڪي صدر ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي ميمو تي صحي ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران نيوڪليئر هٿيار نٿو رکي سگھي، ايراني صدر سان ڳالهائيندا، تهران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي.
ٽرمپ چيو ته هو ايراني تيل جي ٻئي ملڪن جي وڪري تي پابندي لڳائن جو به اختيار رکن ٿا، ايران امريڪا تي جوابي حملو ڪيو يا کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران کي مڪمل تباهه ڪيو ويندو.
امريڪي صدر چيو ته چيني صدر سان مناسب وقت تي ڳالهائيندو ۽ ان لاءِ ڪا جلدي ناهي، چين جيڪڏهن جوابي ٽيرف لاڳو ڪري ٿو ته ٺيڪ آهي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته يو ايس ايڊ ۾ تمام وڏو فراڊ ٿي رهيو آهي ان کي بند ڪري ڇڏيندا، هو چاهي ٿو ته ايگزيڪٽو آرڊر ذريعي امريڪي تعليم کاتو بند ڪري ڇڏي.
امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته امريڪي ڏوهارين کي ٻئي ملڪ جي جيلن ۾ قيد رکڻ ٺيڪ هوندو، ڪيترائي ملڪ امريڪا جي ڏوهارين کي قيد ۾ رکڻ لاءِ تيار آهن.