تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل مان نڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل مان نڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحي ڪري ڇڏي، ٽرمپ فلسطيني امدادي ايجنسي “انروا” جي لاءِ فنڊنگ روڪڻ جي دستاويز تي به صحيح ڪري ڇڏي. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس دوران صدر ٽرمپ چيو ته هو ڏسڻ چاهي ٿو ته مصر ۽ اردن فلسطينين کي قبول ڪن، فلسطينين وٽ غزه ڇڏڻ کان علاوه ڪو ٻيو رستو ناهي. هن چيو ته ٽرمپ اهو ضروري ناهي ته غزه ۾ اسرائيلين جي آبادڪاري جي حمايت ڪري. امريڪي صدر ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي ميمو تي صحي ڪري ڇڏي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران نيوڪليئر هٿيار نٿو رکي سگھي، ايراني صدر سان ڳالهائيندا، تهران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي. ٽرمپ چيو ته هو ايراني تيل جي ٻئي ملڪن جي وڪري تي پابندي لڳائن جو به اختيار رکن ٿا، ايران امريڪا تي جوابي حملو ڪيو يا کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران کي مڪمل تباهه ڪيو ويندو. امريڪي صدر چيو ته چيني صدر سان مناسب وقت تي ڳالهائيندو ۽ ان لاءِ ڪا جلدي ناهي، چين جيڪڏهن جوابي ٽيرف لاڳو ڪري ٿو ته ٺيڪ آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته يو ايس ايڊ ۾ تمام وڏو فراڊ ٿي رهيو آهي ان کي بند ڪري ڇڏيندا، هو چاهي ٿو ته ايگزيڪٽو آرڊر ذريعي امريڪي تعليم کاتو بند ڪري ڇڏي. امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته امريڪي ڏوهارين کي ٻئي ملڪ جي جيلن ۾ قيد رکڻ ٺيڪ هوندو، ڪيترائي ملڪ امريڪا جي ڏوهارين کي قيد ۾ رکڻ لاءِ تيار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون