تازه ترين

امريڪي پرڏيهي وزير جي انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ اينٽوني بلنڪن پاڪستان ۾ آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ عزم جو اظهار ڪندي آئين جي بالادستي، اظهار جي آزادي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي تي زور ڏنو.

انٽتوني بلنڪن چيو ته پاڪستان آزاد ۽ منصفانه چونڊن جي تياري ڪري رهيو آهي، هو ان جي آئين ۽ اظهار جي آزادي ۽ اسيمبلي جي حقن موجب معاشي خوشحالي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي اڳتي وڌائيندا رهندا.

ٻئي پاسي پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مبارڪباد ڏيڻ تي امريڪي پرڏيهي وزير جو شڪريو ادا ڪيو، انٽوني بلنڪن جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته نگران حڪومت آئين موجب آزاد ۽ صفا شفاف اليڪشڻ لاءِ ڪم ڪندي.

هن چيو ته پاڪستان امريڪا سان پنهنجي شراڪتداري کي اهميت ڏيندو آهي، اقتصادي خوشحالي، جمهوريت ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جي قدر ڪن ٿا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون