تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

امريڪي پرڏيهي وزير جي انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ اينٽوني بلنڪن پاڪستان ۾ آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ عزم جو اظهار ڪندي آئين جي بالادستي، اظهار جي آزادي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي تي زور ڏنو.

انٽتوني بلنڪن چيو ته پاڪستان آزاد ۽ منصفانه چونڊن جي تياري ڪري رهيو آهي، هو ان جي آئين ۽ اظهار جي آزادي ۽ اسيمبلي جي حقن موجب معاشي خوشحالي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي اڳتي وڌائيندا رهندا.

ٻئي پاسي پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مبارڪباد ڏيڻ تي امريڪي پرڏيهي وزير جو شڪريو ادا ڪيو، انٽوني بلنڪن جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته نگران حڪومت آئين موجب آزاد ۽ صفا شفاف اليڪشڻ لاءِ ڪم ڪندي.

هن چيو ته پاڪستان امريڪا سان پنهنجي شراڪتداري کي اهميت ڏيندو آهي، اقتصادي خوشحالي، جمهوريت ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جي قدر ڪن ٿا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون