امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ صورتحال کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي.
امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ان موقعي تي سعودي ڪردار جي واکڻ ڪئي ۽ چيو ته نار جا ملڪ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا.
سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل به موجوده صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مسئلي جي سفارتي حل تي زور ڏنو.
امريڪي پرڏيهي کاتي موجب، ٻنهي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿي، ٻنهي ملڪن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي……