- Advertisement -
انتظار جون گھڙيون ختم، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي پهرين ميچ اڄ ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، صدر آصف علي زرداري افتتاحي تقريب جي خاص مهمان هوندو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ڪرڪيٽ ٽيمون اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، صدر آصف علي زرداري افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هوندو.
تقريب ۾ پاڪستان ائيرفورس زبردست فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ قذافي اسٽيڊيم ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينيٽ جي تيارين ۽ انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ٻئي پاسي گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو چيو هو ته پوري قوم کي چيمپيئنز ٽرافي کي انجواءِ ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ملڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان ميچ کٽڻ تي خوشي ٿيندي آهي.
محمد رضوان چيو ته قوم کي ٽيم مان کٽڻ جي اميد رکڻ گهرجي، وٽڻ سٺا رانديگر آهن، حارث رئوف اسي سيڪڙو فٽ آهي، هن بالنگ پڻ ڪئي آهي.
ڪپتان چيو ته ٽيم 15 جا 15 رانديگر ڪپتان آهن، هو رڳو ٽاس يا پريس ڪانفرنس لاءِ ايندو آهي، هو سينيئر رانديگر آهيون، تنهنڪري وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿئي.- Advertisement -
