نگران صوبائي وزير عمر سومري پاران انساني حقن جي آفيس جي دوري دوران 19 غير حاضر ملازمن کي باضابطه طور شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا.
خميس ڏينهن نگران صوبائي وزير عمر سومري انساني حقن جي آفيس جو دورو ڪيو هو جنهن دوران 21 غير حاضر آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ ۽ پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏنو هو.
نگران صوبائي وزير عمر سومري پاران انساني حقن جي آفيس جي دوري دوران 19 غير حاضر ملازمن کي باضابطا طور شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا.
ايڊيشنل سيڪريٽري جي حڪم بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
غير حاضر رهندڙ آفيسرن ۽ ملازمن ۾ سيڪريٽريٽ، ڊائريڪٽوريٽ ۽ سروس رينڊرڊ اسٽاف جا ملازم شامل آهن.
سيڪريٽريٽ سائيڊ جي غير حاضر آفيسرن ۾ سيڪشن آفيسر انيسا شيخ، عاشق حسين، سينيئر ڪلارڪ محمد نور، جونيئر ڪلرڪ شاهد حسين ۽ نائب قاصد تحسين الدين شامل آهن.
ڊائيريڪٽوريٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ياسمين اياز، اسسٽنٽ ارشاد، جونيئر ڪلارڪ، مڪيش ڪمار، خالد حسين، ڊرائيور انور ناز، ڊسپيچ رائيڊر ڪامران خان، نائب قاصد شاهجهان، شاڪر علي ۽ چوڪيدار شهزاد علي شامل آهن.
سروس رينڊرڊ ملازمن ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر ساحل، افشان، جونئئر ڪلارڪ شھباز، نائب قاصد وحيد سومرو ۽ بورچي افسار شامل آهن.
غير حاضر رهندڙ آفيسرن ۽ اسٽاف کي ايندڙ ٽن 3 ڏينهن اندر وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.