تازه ترين

انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ وڪيلن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن، هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن ميرپور خاص ۽ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن عمرڪوٽ، توهين مذهب جي الزام هيٺ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿڀري قتل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي هڪ گروپ جي اجلاس ۾ سنڌ جي گهرو کاتي طرفان مقرر ڪيل پوليس انڪوائري کي رد ڪري ڇڏيو، اڳواڻن چيو ته سمورن پوليس آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي جن تي حراست ۾ قتل جو الزام آهي. انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سفارتخانن کان به مطالبو ڪيو ته هو اهڙن پوليس آفيسرن کي ويزا ۽ اسڪالر شپ نه ڏين جيڪي عدالتي کان مٿانهن قتل ۾ ملوث آهن ۽ انساني حقن جو احترام نٿا ڪن. انيس هارون جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ علي پلهه ايڊووڪيٽ، جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي، قاضي خضر، سهيل سناگي، زاهد فاروق، ڪرشن شرما ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. هوڏانهن هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن ميرپورخاص ۽ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن عمرڪوٽ پڻ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي پوليس حراست ۾ قتل جي مذمت ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ مذهبي جنونيت وارن واقعن جي جاچ ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪندڙن کي عدالت آندو وڃي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.4 ° C
33.4 °
33.4 °
22 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون