تازه ترين

انسان جي تقويٰ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، اهو ئي  ڀلائي ۽ ڪاميابيءَ جو رستو آهي: خطيب شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد المعيقلي

مسجد الحرام جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد المعيقلي چيو آهي ته انسان جي تقويٰ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، اهو ئي  ڀلائي ۽ ڪاميابيءَ جو رستو آهي.

سڄي دنيا مان آيل لکين حج پانڌيئڙا عرفات جي ميدان ۾ موجود آهن، مسجد الحرام جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد حج جو خطبو ادا ڪيو، جنهن جو اردو سميت 50 ٻوليون ۾ ترجمو نشر ڪيو ويو.

شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته اسلام جي رڪنن جي پيروي ۾ هدايت موجود آهي، الله پنهنجي ذاتي ۾ اڪيلو آهي، الله جي وحدانيت ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رسالت تي يقين رکڻ اسلام جو پهريون رڪن آهي.

هن چيو ته الله پاڪ کي مخلص ٿي ٻاڪارڻ گهرجي، عبادت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ٿو ڪري سگهجي.

شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته دنيا جي زندگي ڪٿي اوهان کي دوکي ۾ مبتلا نه ڪري پڏي، جيڪو تقويٰ جو رستو اختيار ڪندو، الله ان جون خطائون معاف ڪندو ۽ اتان رزق عطا ٿيندو جتان ڪو سوچي به نه ٿو سگهي.

حج جي خطبي ۾ شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته الله هر شيءِ جو مالڪ ۽ قادر آهي، قرآن سڌو رستو ڏيکاري ٿو، الله  تي توڪل ڪندڙن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي.

هن چيو ته اي مسلمانو زڪوات ادا ڪريو ۽ حقوق العباد جو خيال رکو، اسلام جو بنياد خير ۽ ڀلائي تي آهي، اسلام ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو حڪم نه ٿو ڏي، انسان کي ڀلائي جي رستي تي هلڻ گهرجي.

شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته مصيبتن ۽ وڳوڙڻ کان پري رهو، ڪنهن کي خراب نالي ۽ لقبن سان نه سڏيو، قرآن چوي ٿو جيڪو ظلم ڪري ٿو، اهو پڪڙ ۾ ايندو، جيڪي مومنن کي تڪليف ڏيندا آهن، اهي فلاح حاصل نٿا ڪري  سگهن، ڪنهن جي جان، مال ۽ عزت کي نقصان نه پهچايو وڃي نه ڪنهن کي ناحق قتل ڪرڻ گهرجي.

امامِ ڪعبه چيو ته جنهن انسان جو اخلاق سٺو آهي اهو دنيا ۽ آخرت  ۾ ڪامياب ٿيندو، ابيَ امڙ جي خدمت ڪندڙ به ڪاميابي ماڻيندو، والدين جو نافرمان نه دنيا نه ئي آخرت ۾ ڪامياب ٿيندو، جيڪو مٽن مائٽن سان تعلق ٽوڙي ٿو اهو الله جي رحمت کان پري رهندو آهي.

شيخ ڊاڪٽر ماهر بن حمد چيو ته انسان کي سدائين عدل سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، ظلم ۽ ناانصافي جي رستي کي ڪڏهن به اختيار نه ڪرڻ گهرجي، فحش ڪمن کان پاسو ڪيو وڃي، گهرڀاتين سان بهترين ورتاءُ ڪيو وڃي.

هن چيو ته فلسطين جي مسلمانن لاءِ هو دعا گهري ٿو، انهن تي وڏا ظلم ڪيا پيا وڃن، مسلمان امت فلسطين جي مسلمانن کي يهود جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريَ………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون