انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي، صدر عارف علوي انوار الحق کي عهدي جو قسم کڻائيندو، وزيراعظم شهباز شريف کي به الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جڏهن ته نگران وزيراعظم سينيٽ جي سيٽ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو، هو ملڪ جو اٺون نگران وزيراعظم هوندو.
ايوان صدر ۾ قسم کڻڻ واري تقريب ٿيندي جتي صدر عارف علوي، انوار الحق کي عهدي جو قسم کڻائيندو.
تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه شرڪت ڪندا.
سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر، گورنرز، وڏا وزير، پرڏيهي سفارتڪار ۽ سينيئر سرڪاري آفيسر به شرڪت ڪندا.
وزيراعظم شهباز شريف جي تقريب ۾ شرڪت جو امڪان آهي.
صدر عارف علوي قسم کڻڻ واري تقريب بعد شرڪت ڪندڙن جي مان ۾ آجياڻو به ڏيندو.
نگران وزيراعظم ۽ صدر عارف علوي ۾ ملاقات به ٿيندي.
نامزد نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ سيٽ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف لاءِ الوداعي گارڊ آف آنر جي تقريب ٿيندي جنهن ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو.