انگلش بالر اينڊرسن ساٿي بالر براڊ جي ريٽائرمينٽ جي اعلان بعد ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو.
37ورهين جي انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هو آسٽريليا جي خلاف پنجين ايشز ٽيسٽ جي پڄاڻي تي رٽائر ٿي ويندو.
اسٽورٽ براڊ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڪيريئر جي 167هين ٽيسٽ ميچ کيڏي ۽ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 602 وڪيٽون حاصل ڪيو، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 600 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٻيون فاسٽ بالر آهي.
ايشز سيريز جي آخري ٽيسٽ جي دوري پرينٽر جيمز اينڊرس کان جڏهن براڊ جي رٽائرمينٽ تي سوال ڪندي چيو ته اوهان براڊ ياد ڪندئو ؟ جنهن تي اينڊرسن کلندي چيو ته بلڪل هو منهنجو بهترين ساٿي آهي
ان دوران اينڊرسن پنهنجي جذبات تي ضابطو نه آڻي سگهيو ۽ پنهنجي زبان مان لفظ نه ڪڍي سگهيو.
براڊ ۽ اينڊرسن جي جوڙي کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب جوڙي سمجهيو ويندو آهي، ٻنهي پنهنجي شاندار بالنگ سان انگلينڊ کي ڪيتريون ئي ميچز کٽريون، ٻنهي پنهنجي فٽنس جي ڪري وڏي عرصي تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي آهي.
اسٽورٽ براڊ جي ريٽائرمينٽ کانپواءِ جيمز اينڊرسن ضرور پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽر کي ياد ڪندو.
واضح رهي ته فاسٽ بالر طور اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي، هن 182 ميچن ۾ 689 وڪيٽون آهن، هاڻي به هو ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ لاءِ پر عزم آهي.