تازه ترين

اوٻاوڙو: ماڇڪو واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

اوٻاوڙو ويجهو پنجاب جي ماڇڪو واري علائقي ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڳوٺ جي چڱي مڙس کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

 ڳوٺ محبوب سولنگي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي گوليون هڻي غلام رسول سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه مهينا اڳ ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ چار ڏوهاري مارجي ويا هئا، جنهن جي مخبري جي الزام هيٺ ڏوهارين حملو ڪري ڳوٺ جي چڱي مڙس غلام رسول سولنگي کي قتل ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون