اوٻاوڙي ۾ ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل ٿي ويو آهي.
مرڪزي عيد گاهه وٽ جوابدار يوسف سولنگي گولي هڻي پنهنجي وڏي ڀاءُ حق نواز سولنگي کي قتل ڪري واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
حق نواز سولنگي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ننڍي ڀاءُ گولي هڻي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.