- Advertisement -
اوٻاوڙي ۾ پي ايس 18 تي جهيڙي دوران رهجي ويل ٻن پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ جو عمل جاري آهي، پ پ اميدوار شهريار شر ۽ آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر ۾ سخت مقابلو ٿي رهيوآهي.
پولنگ اسٽيشن نمبر 161 ۽ 162 تي پولنگ هلندڙ آهي، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتطام سخت ڪيا ويا آهن.
پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
پ پ اميدوار شهريار شر ۽ آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي.
رهجي ويل پولنگ اسٽيشن تي رجسٽرڊ ووٽرن جو مجموعي طور انگ 33 هزار10 آهي.
پولنگ اسٽيشن مراد ڪلوڙ تي رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 16 سئو 60 ۽ محمد مراد ڪولاچي پولنگ اسٽيشن تي ووٽرن جو انگ 1640 آهي.- Advertisement -
