اوٻاوڙي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت

- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ مير ڪوش ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ امام الدين ڪوش زخمي ٿي پيو هو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اپستال منتقل ڪيو ويو هو. زخمي امام الدين ڪوش رحيم يار خان جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اطلاع ملڻ بعد کنڀڙا پوليس نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اوٻاوڙي جي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ڪوش برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
54%
2.6m/s
2%
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
35 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون