اوٻاوڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس گوليون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو .
ڳوٺ فيض شر ۾ جوابدار شبير عرف بگڙو شر بندوق جا فائر ڪري زال مهناز کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي، وارث ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .
