تازه ترين

اوٻاوڙي ڀرسان جيءُ جهوريندڙ حادثي ۾ فوت ٿيل 4 ڄڻن جي جنازي نماز ادا

اوٻاوڙي ويجهو روڊ حادثي ۾ صحافي حيدر مستوئي جي فوت ٿيل 8 گهرڀاتين جا مڙهه ٻٻرلي ۽ صادق آباد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

جمعي ڏينهن رونتي ويجهو موٽروي تي ڪار ۽ مزدا جي ٽڪر ۾ صحافي حيدر مستوئي سخت زخمي ٿي پيو هو ۽ سندس 8 گهرڀاتي فوت ٿي ويا هئا.

فوتين ۾ حيدر مستوئي جي امڙ 45 ورهين جي حسينا، گهرواري سويرا، مامو سلطان احمد، ڀاءُ نظام الدين، عذير مصطفيٰ، فرزانه، شاهزيب ۽ جانل شامل آهن.

حيدر مستوئي جي امڙ 45 ورهين جي حسينا، گهرواري سويرا، ڀاءُ نظام الدين ۽ عذير مصطفيٰ جي جنازي نماز روهڙي بس ٽرمينل تي ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، وارثن، صحافين، شهرين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد چئني جا مڙهه اباڻي قبرستان پير راڄڻ قطار مست ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

حادثي ۾ فوت ٿيل حيدر مستوئي جي مامي سلطان احمد، فرزانه، شاهزيب ۽ جانل جي جنازي نماز صادق آباد جي علائقي ماهي چوڪ ۾ ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز بعد چئني جا مڙهه عزيز ڪرماڻي قبرستان ماهي چوڪ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

فوتين جو تڏو صادق آباد ۽ ٻٻرلي ۾ وڇايو ويو جتي سندن وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون