تازه ترين

اوٻاوڙي ڀرسان جيءُ جهوريندڙ حادثي ۾ ٻٻرلوءِ جي صحافيءَ جو خاندان اجڙي ويو

اوٻاوڙي ڀرسان جيءُ جهوريندڙ حادثي ۾ ٻٻرلوءِ جي صحافيءَ جو خاندان اجڙي ويو، ٽي ڏينهن اڳ پرڻيل صحافيءَ جي ڪنوار، امڙ، ٻن ڀائرن ۽ مامي سميت ڪٽنب جا اَٺ ڀاتي فوت ٿي ويا.

رونتي ٿاڻي جي حد ايم فائيو موٽر وي تي لوڪيشن نمبر 487 وٽ تيز رفتار مزدا ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ تي پهچي لاش ۽ زخمين رحيم يار خان اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو.

صحافي حيدر مستوئي گهرڀاتين سان گڏ ساهرن ڏانهن صادق آباد وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، سندس گهرواري، امڙ، ٻه ڀائر ۽ هڪ مامي سميت 8ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻٻرلوءِ واسي صحافي حيدر مستوئي ٽي ڏينهن اڳ صادق آباد مان شادي ڪئي هئي، ستاوڙي تي ساهرن ڏانهن وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
27 %
4.9kmh
10 %
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون