- Advertisement -
اوڏيرولال ويجهو ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويل نوجوان ٿڌ جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
71 موري وٽ مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ نوجوان لڇمڻ باگڙي ٿڌ سبب دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو…….- Advertisement -
