تازه ترين

او آءِ سي مسلم امت جي اجتماعي مفادن جو حقيقي ترجمان آهي : اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته او آءِ سي مسلم امت جي اجتماعي مفادن جو حقيقي ترجمان آهي، پاڪستان مسلمان دنيا جي اهم مسئلن جي حل لاءِ سفارتي محاذ تي سرگرم آهي.

او آءِ سي ملڪن جي سفيرن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ او آءِ سي جو گڏيل هدف عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي آهي، فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام کي سندن حق ملڻ تائين پاڪستان آواز بلند ڪندو رهندو.

هن وڌيڪ چيو ته مسلم دنيا جي مسئلن جي منصفاڻي حل بنا عالمي استحڪام ممڪن نه آهي، ٻه رياستي حل بنا وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، ڀارت ۽ اسرائيل اڳڀرائي کان پاسو ڪن، عالمي برادري فوري قدم کڻي.

نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر موجب عالمي امن کي هٿي ڏيڻ  لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري تڪرارن جي منصفاڻي حل لاءِ عملي ڪردار  ادا ڪري، او آءِ سي ميمبر ملڪن سان گڏ ويجهو سهڪار ۽ هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.

اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطين جو دفاع پوري مسلم دنيا جي گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان فلسطيني رياست لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪندو، اسرائيل کي جنگبندي جو پابند  ڪرڻو پوندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون