تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

او آءِ سي مسلم امت جي اجتماعي مفادن جو حقيقي ترجمان آهي : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته او آءِ سي مسلم امت جي اجتماعي مفادن جو حقيقي ترجمان آهي، پاڪستان مسلمان دنيا جي اهم مسئلن جي حل لاءِ سفارتي محاذ تي سرگرم آهي. او آءِ سي ملڪن جي سفيرن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ او آءِ سي جو گڏيل هدف عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي آهي، فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام کي سندن حق ملڻ تائين پاڪستان آواز بلند ڪندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته مسلم دنيا جي مسئلن جي منصفاڻي حل بنا عالمي استحڪام ممڪن نه آهي، ٻه رياستي حل بنا وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، ڀارت ۽ اسرائيل اڳڀرائي کان پاسو ڪن، عالمي برادري فوري قدم کڻي. نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر موجب عالمي امن کي هٿي ڏيڻ  لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري تڪرارن جي منصفاڻي حل لاءِ عملي ڪردار  ادا ڪري، او آءِ سي ميمبر ملڪن سان گڏ ويجهو سهڪار ۽ هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي. اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطين جو دفاع پوري مسلم دنيا جي گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان فلسطيني رياست لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪندو، اسرائيل کي جنگبندي جو پابند  ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون