تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايران، پاڪستان کي سستي گيس، بجلي ۽ تيل ڏئي سگهي ٿو : ايراني سفير رضا اميري مقدم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته ايران، پاڪستان کي سستي گيس، بجلي ۽ تيل ڏئي سگهي ٿو.

اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اخبارن جي ايڊيٽرن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي رضا اميري مقدم چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي گادي وارن شهرن ۾ سڌو سنئون اڏامون شروع ٿينديون ان لاءِ ايران پاڪستان کي باضابطه تجويز ڏني آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايران جي تجويز جي ڪابينا مان منظوري وٺڻ بعد اڏامون شروع ڪرڻ بابت اتفاق ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته پاڪستان پي آءِ اي کي اسلام آباد کان ايران لاءِ ففٿ فريڊم جي سهولت گهري آهي، ايران به اهڙي طرح جي سهولت پنهنجي چئن ايئر لائنن لاءِ طلب ڪئي آهي، في الحال لاهور ۽ ڪراچي کان مشهد لاءِ اڏامون هلي رهيون آهن.

هن چيو ته آمريڪي پابنديون آهن ان لاءِ هو اهڙو حل چاهن ٿا ته پاڪستان جيڪڏهن ايران کان گيس پائپ لائن وٺي ته ان کي پريشاني نه ٿئي.

پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس جي کوٽ آهي، ايران پاڪستان کي سستي گيس، بجلي ۽ تيل ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي……

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
54 %
3.7kmh
4 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون